اسلام آب??د – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آب??د ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عل?? شاهه جي درخواست تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آب??دين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اين سي سي اجلاس ۾ اتفا?? ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد عل?? شاهه طرفان درخواست ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدمن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس