ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وسيلن جي پائيدار اس??عم??ل بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقين?? بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ ??وس??ياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي پائيدار اس??عم??ل بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر ع??رف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي اس??عم??ل جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو: صدر
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب