انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ وارو وزير ??وڌري سالڪ حسين، خاص معاون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪيءَ جو هي پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران ??زيراعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان ??ويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو ??ائ??و وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان ??زيراعظم جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نش??ن پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پاڪستان جي وچ ۾ غيرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي. ترڪيءَ جا پرڏيهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران ??زيراعظم سان ??لاقات ڪندا. وزيراعظم ترڪيءَ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن س??ن پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪيءَ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پرڏيهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي اي آئي ڪي) جي حصيداري سان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم انهن تقريبن دور??ن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون. ان ??وقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste