اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي ??هيو آهي، عمران خان عوام کي احتجاج جي ڪال نه ڏي، پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ماتم ڪري، عوام ڄاڻي ٿي ته ??هانگائي ??ي تباهي عمران خان آندي، آءِ ايم ا??ف سان ڪمزور بنيادن تي معاهدو ع??ران خان ڪري ويو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي ??و ذميدار به عمران خان آهي انشاءُ الله عمران خان جي مهانگائي ??ي لڳايل باهه وسائينداسين. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان عوام ڪجهه هيرن، سوين ڪينال زمين ۽ مالي فائدن لاءِ قومي ۽ عوامي مفاد تي سودو ڪرڻ وارن سان گڏ نه نڪرندي، عوام ڪوڙي، منافق، نااهل، نالائق سان گڏ نه نڪرندي، نالائقن، نااهلن، چورن ۽ آئين ٽوڙيندڙن جي ڪال تي ڪو به نه نڪرندو. هن چيو ته عوام مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي جي ذميدار، خوني مارچ وارن ۽ هٿياربند جٿن سان گڏ نه نڪرندي، عوام بيگناهه پوليس وارن کي گوليون هڻي شهيد ڪندڙن سان گڏ ناهي نڪرندي، هن چيو ته عمران خان ڪال نه ڏي، پنهنجي آيل مهانگائي ۽ معاشي تباهي جي ذميداري جو اعتراف ڪندي الله تعاليٰ ۽ عوام کان معافي گهري، هن چيو ته ??عاشي تباهي ۽ مهانگائي ??و گند عمران خان پکيڙيو، حڪومت ان کي صاف ڪري رهي آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سازش ڪئي ??ه پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي، حڪومت، ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ آئي ??هي، هن چيو ته آءِ ايم ا??ف سان معاهدو ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پاڪستان جي ساک خطري ۾ وڌي، ان جو ذميدار عمران خان پاڻ آهي.
عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث