لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب يونيورسٽي لائبريري جي اهتمام هيٺ انٽرن شپ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران آزادي ۽ 14 آگسٽ جي موضوع تي پوسٽر نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش ۾ پنجاب يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا جي لائبريري شعبي ۽ انفارميشن سائنس جي شاگردن جي لاءِ هڪ پراجيڪٽ اسائنمنٽ طور تي ڪيو ويو هو. ٻن مهينن جي انٽرن شپ پروگرام جي دوران ٻنهي يونيورسٽين جي 70 شاگرد?? کي لائبريري جي روايتي ۽ ڊيجيٽل خدمتن بابت عملي تربيت فراهم ڪئي وئي. پروگرام کي خاص طور تي شاگردن جي آءِ ٽي جي بنيادي مهارت?? کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو يعني ويب ڊيزائننگ ۽ ڊيجيٽل اوپيڪ جي تخليق سان گڏوگڏ انتظامي ۽ ش??صي مهارت?? کي متحرڪ ڪرڻ جنهن ۾ مواصلات، تنقيدي تجزيو، پيشڪش ۽ مطالعي جي عادت شامل آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ