اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر م??ڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر م??ڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، ??وڪنڊي، دالبندين، هراني، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، ??نجگور، قلات، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ ??لڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، ??الاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آ??اد?? هري پور، مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام آ??اد?? مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آ??اد?? ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آ??اد?? ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي پاران 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری