اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولرائيزيشن سان درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. ملڪ ۾ توانائي بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ گير سولرائيزيشن منصويي تي عملدرآ۾د پاڪستان ۾ درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت يقيني بڻائيندو. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ ان کي ??ڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز ۽ سولر پينلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ، ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي ??پت ??ار?? پنکن کي بدلائڻ جي ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ توانائي جي بچت جي لاءِ اين اي اي سي اي کي ??ڌيڪ فعال ۽ بااختيار بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي، مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار، گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ، بجلي جي ??هٽ کپت ??ار?? پنکن ۽ بلبن جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته مجموعي طور تي 671 سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جو عمل شروع آهي جڏهن ته تعليم ??ار?? وزارت تحت ايندڙ 600 عمارتن وٽ پنهنجي بجيٽ موجود آهي جنهن کي ان مقصد جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. ان کانسواءِ 11 ڪلو واٽ جي فيڊرز جي سولرائيزيشن جو عمل پڻ شروع آهي. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن ب?? قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ صنعت ??ار?? وزارت پاران اجلاس کي ??ڌايو ويو ته مقامي سطح تي سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز جي پيداوار جي لاءِ پاليسي جي بنيادي خدوخال جوڙي مختلف ادارن کان ان تي راءِ ورتي پئي وڃي، ايندڙ مهيني پاليسي مڪمل ڪري ان کي جاري ڪيو ويندو. اجلاس کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ نئين گيزرز جي تياري ۾ ڪونيڪل بيفلز کي ??ازمي قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ پراڻي گيزرز ۾ به ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ انرجي ايفيشينٽ پنکا ۽ بلب ٺاهڻ جي لاءِ پڻ قدم مڪمل آهن، ايندڙ مالي سال کان ملڪ ۾ وڌيڪ بجلي جي ??پت وارا پنکا ۽ بل نه ٺاهيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد کي ??قيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، پيٽروليم ??ار?? مملڪتي وزير ڊاڪٽر مص??ق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي عمل کي تيز ڪري مقرر مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ