اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بجلي ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسانجي تحفظ توانائي منصوبي جو حصو آهي، هي اهم منصوبو چين ۽ پا??ستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اض??فو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي تي صحيحون ان منصوبي جي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسان جي انرجي سيڪيورٽي پلان جو حصو آهي. هن چيو ته پا??ستان تي مسلسل اعتماد ۽ اسان جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي لاءِ چيني قيادت جا ٿو??ا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊالر جي چيني سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگائي جي باوجود چائنا ني??نل نيوڪليئر ڪوآپريشن منصوبي جي لاڳت ۾ اض??فو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پا?? – چين مضبوط ڀا??يچارو وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي اهم منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اض??فو ڪندو.
چشما پنج منصوبي سان 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil