پيرس – 22 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم جيڪو پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم اي?? جي وچ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پاڪست??ن جي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم ا?? ا??يد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم اي?? جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد ک??ن جلد جاري ڪيا ويندا ان سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي سان پنهنجي اداري جي موقف کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس پار??ن جاري بيان موجب ملاقات سان پاڪستان ۽ آءِ ايم اي?? جي وچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان فائديمند موقعو ??ليو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ فرانس ۾ پاڪست??ن جو سفير عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.
وزيراعظم جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil