اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چ??لي??جز درپيش هئا، اسان جي قدمن سان مل?? ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهت?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چ??لي??جن جو دور هو، جيڪو اسان جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي لاءِ گڏ ٿيڻ اسان جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي مل?? کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چ??لي??جز کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ بحرانن جي ڪث??ت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي جو استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهت?? آهي. اسان جي ڊگهي مدي وارا چ??لي??جز اڃا به آهن پر اڳتي وڌڻ جي رستي جي واضح طور تي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪابينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون سان جن ذاتي طور تي مل?? جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.
گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اسان جي قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria