اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپي?? روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشح??لي جي ضامن آهي، ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان يوم بحريه جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي خراج تحسي?? پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ قربانين کي به ساراهيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري پاڪ بحريه پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. صدر مملڪت چيو ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپي?? روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشح??لي جي ضامن آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي جديد ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. پاڪستان جي بحري مفادن ۽ حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي، قوم پاڪ بحريه، ان جي جوانن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪري ٿي، پاڪ بحريه جي هيروز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.
پاڪ بحريه ملڪ کي درپيش روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ