نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائي??دي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪ??دي يورپي يونين سان پنهنجي لا??اپ?? کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لا??اپ??، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ??ند?? ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائي??دي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena