اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گ??رو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ نادرا کي حملو ڪندڙن جي سُڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گ??رو وزير نادرا کي هدايت ڏني ته فوٽيجز ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. حملي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ايف آءِ آ?? داخل ??ري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. گ??رو وزير چيو ته حملو ڪندڙن جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيو ويندو، جن حملو ڪيو آهي انهن جي شهريت ختم ڪر?? لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته شهريت ختم ڪر?? جو ڪيس منظوريءَ لاءِ ڪابينه ڏانهن موڪليو ويندو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح جي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ڪار تي حملو ٿيو آهي، اسان ان واقعي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڳوڻي چيف جسٽس کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته ان کي سيڪيورٽي ڇو نه فراهم ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير پاران لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی