لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار با??و قدسيه جو 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه با??و قدسيه 28 نومبر 1928ع تي اوڀر پنجاب جي ضل??ي فيروزپور ۾ پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد لاهور اچي وئي. اردو ادب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن اردو ۾ ڪيترائي ناول لکيا جنهن ۾ ر??جه گدهه ۽ امر بيل ايتر?? ته گهڻا مشهور ٿيا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿي ويو. با??و قدسيه اسٽيج شو ۽ ٽيلي ويزن لاءِ پڻ پنجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو. با??و قدسيه شديد بيماري سبب 4 فيبروري 2017?? تي لاڏاڻو ڪري وئي.
مضمون کا ماخذ : راکی