برسلز -19 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي، ته ??سرائيل غزه جي پٽي ۾ ڏڪار پيدا ڪري رهيو آهي ۽ بک کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. العربيه مطابق هن برسلز ۾ غزه لاءِ انساني امداد بابت هڪ ڪانفرنس جي ا??تت??ح جي موقعي تي چيو ته ??زه ۾ اسان هاڻي ڏڪار جي ويجهو نه پر ڏڪار جي حالت ۾ آهيون، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڏڪار ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته ??هو قبولڻ جوڳو ناهي. ڏڪار کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيلي جنگ ڏڪار جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته ??زه کي ڏڪار جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو قبولڻ جوڳو ناهي. هن فوري جنگ بندي جي معاهدي تي زور پڻ ڀريو. واضح رهي ته ??زه جي صحت واري وزارت سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جنگ ۾ 31726 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا ??هن ۽ 73792 زخمي پڻ ٿيا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽڪل 81 فلسطيني شهيد ۽ 116 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
اسرائيل غزه ۾ ڏڪار پکيڙي بک کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: جوزف بوريل
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ