واشنگٽن-15 نومبر (اي پي پي) آ??ري??ا ڪوئيٽه ۾ ريلوي اسٽيشن تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آ??ري??ا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. آ??ري??ا جي پرڏيهي کاتي جي پرنسپل نائب ترجمان پريس بريفنگ دوران گذريل ڏينهن چيو ته اسان 9 نومبر ??ي ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت، متاثرن ۽ سندن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن پاڪستاني نمائيندي جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان سان ان قسم جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۾ اسان جا گڏيل مفاد آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان علائقائي سلامتي لاءِ گڏيل عزم رکون ٿا. نائب ترجمان چيو ته اسان 2019ع ۾ ائين ئي ڪيو هو ۽ اڄ به اسان دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل ر??نداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔