چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنو?? حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهم??نه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪست??ن جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چين جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، ايس سي او ۾ پاڪست??ن جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آهي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چين جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی