پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاج?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمند?? جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان کين قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو هو. اجلاس ?? صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي ادار?? جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذور?? جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني ??ئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. صدر چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمند?? جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن لاءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، خصوصي ماڻهن جي حق ايڪٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا