اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف متوجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ايل) جي انتظاميه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي انتظاميه ص??ر کي ڪي پي ايل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي انعقاد سان پوري دني?? ۾ ??شمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.
ڪشمير پريميئر ليگ وسيلي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو: صدر
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر