اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن، حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخا??ف ڌر کان تجويزون گهريون پر انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تحت عام چونڊون ٿيون، اتي اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزير??عظ?? جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزير??عظ?? توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسل??م نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيون، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخا??ف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزير??عظ?? جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الز??م وزير??عظ?? هائوس ۾ ويهي وزير??عظ?? پاران هنيا ويا آهن، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون سموريون چونڊون ان تحت ٿين، وزير??عظ?? چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌانڌلي جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.
چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن: عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں