اسلام آباد-11 مئي (اي پ?? پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻي??َ جي ب??را?? تي ڳڻتي??َ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي??َ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي ??قيني بڻائڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻي??َ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻي??َ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي??َ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي ??اڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻي??َ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي ??اڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي ??قيني بڻائڻو پوندو.
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil