اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينه?? ۾ ??ومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيرا??ظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پروفيسر فتح محمد ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پروفيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان ??ڪب??، پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر ??ڪب?? احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پروفيسر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي علامه محمد اقبال جو پيدائش ڏهاڙو شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت، سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم