اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير ت?? ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور ت?? ڊو??رز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ڊو??رز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سان شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سان منصوبابندي واري وزارت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور ت?? جنوري ۾ ٿيندڙ ڊو??رز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير عالمي شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊو??رز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪر??ار ادا ڪيو هو جنهن ک?? پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جاري رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور ت?? انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊو??رز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊو??رز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊو??رز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪر??ئي.
منصوبابندي واري وزارت جو ڊونرز سان بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ٻڌل جامع فريم ورڪ تي ڪم تيز، فريم ورڪ جنوري ۾ ڊونرز ڪانفرنس ۾ باقاعده پيش ڪيو ويندو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha