اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ف??سطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي ??يگ??اهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطي??ي عوام جي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ف??سطي??ي عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ??ي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس ا??شريف کي ان جي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست ??ي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز