اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسو?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تر??يه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي تر??يه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان تر??يه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، ??طي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز ??ريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون، زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil