اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر کي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار ??کندي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خلاف جوابدار ??ي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسسٽنٽ نائب صدر (جوابدار) تي عورت آفيسر کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران جوابدار ??ي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جوابدار هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چيو ت?? شڪايت ڪن??ڙ ک?? قانون ۽ قاعدن جي سراسر خلاف ورزي ڪن??ي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو، عورت شڪايت ڪن??ڙ جي خلاف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چيو ته متاثر عورت جي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪايت ڪن??ڙ اڃا به بئنڪ جي ملازم آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار ??هي، جوابدار ??نسي هراسمينٽ جي الزام تي شڪايت ڪن??ڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ت?? شڪايت ڪن??ڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل موجب گوجرانوالا ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪن??ڙ هڪ عورت آفيسر جوابدار ??ي خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت الزام هنيو ته جوابدار ??ي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبائيل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪن??ي پڪڙيو ويو. شڪايت ڪن??ڙ حلفنامو پيش ڪيو ته جوابدار ??ن کي جنسي طور تي هراسان ڪيو ۽ جسماني طور تي ڇُهيو. جرح ۾ جوابدار ??نسي هراسمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار کي شڪايت ڪن??ڙ کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.
صدر پاران زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر جي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ