ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪيو آهي. ??لا??ل هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب ??لا??ل ڀٽو زرداري استادن جي قتل جي واقعن تي پنهنجي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي بابت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين ??لا??ل ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ ??و اظهار ۽ مارجي ويل استادن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری