شرقپور -22 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته محمد نواز شريف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال?? جو معمار آهي، گذريل دور ۾ عوامي من??وبن بجاءِ سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون ويون، عام چونڊ ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندو اسان قبول ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرقپور ۾ مختلف ميگا پراجيڪٽن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، اسعد محمود، پنجاب پوليس جي آفيسرن سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هي من??وبا عوامي ڀلائي جا من??وبا آهن، انهن ??نصوبن سان نه رڳو هنن علائقن جي صورت تبديل ٿيندي، پر عوام کي ??رپيش ٽريفڪ جي حوالي سان به مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي. ماڻهن کي ??وزگار جا موقعا ملندا. هن چيو ته انهن ??نصوبن تي 35 ارب رپين جي لاڳت ايندي، جن من??وبن جي اڄ مان پيڙهه جو پٿر رکي ??هيو آهيان، ان چيو ته ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي تائين 19 ڪلوميٽر باءِ پاس تعمير ڪرڻ جو من??وبو آهي ۽ ان سان سڄي علائقي ۾ خوشحال?? جو انقلاب ايندو، اهڙي طرح ٻيو من??وبو لاهور ڪراچي موٽر وي سڪيان روڊ ۽ مين راوي پل تائين توسيعي من??وبو آهي جنهن سان بي پناهه عوام کي فائدو پهچندو، ٽيون من??وبو عبدالحڪيم موٽر وي تي آسان (انٽرچينج) جي تعمير آهي، چوٿون من??وبو قائداعظم يونيورسٽ?? جو ڪيمپس آهي ان جي تعمير آهي. پنجون من??وبو اسڪائوٽس ڪاليج آهي جڏهن ته ڇهون من??وبو شاهدره کان ڪالاشاهه ڪاڪو تائين ميٽرو بس جو آهي، انهن ??نصوبن جي تعمير سان عوام کي ??ي پناهه فائدو پهچندو. هن چيو ته محمد نواز شريف پاڪستان جي ترق?? جو معمار آهي، ملڪ م سي پيڪ آڻڻ، روڊن جو ڄار وڇائڻ ۽ ملڪ کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نواز شريف ڏانهن ??ڃي ٿو. 2018ع ۾ پاڪستان جي ترق?? جو رستو روڪيو ويو، محمد نواز شريف اهو ماڻهو آهي جنهن ??اڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو. نواز شريف کي ??يل ۾ بند ڪيو ويو، هن جي ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ چيو هو ته مان 90 ڏينهن ۾ 300 ارب ڊالر جيڪي پاڪستان جا ٻاهر پيا آهن انهن کي واپس پاڪستان آڻيندس، پر اڄ تائين هڪ رپيو به پاڪستان ناهي آيو، جيڪڏهن اهو پئسو اچي وڃي ها ته اڄ مون کي ??ءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. هن چيو ته عمران خان تي 190 ملين پائونڊ جيڪي پاڪستاني 50 ارب رپين ٺهن ??ا اهو اسڪينڊل آهي، اهڙو اسڪينڊل مون تي به لڳو هو، ان اسڪينڊل جي حوالي سان 2 سال منهنجي خلاف جاچ ڪئي وئي پر منهنجي خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿيو، 190 ملين پائونڊ جي رقم برطانيه ۾ پئي هئي جنهن کي ??ڻڻ لاءِ پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي هئي، نيازي حڪومت برطانيه ۾ پيل پئسي کي ??اصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پارٽي بڻجي وئي پر اهو پئسو پاڪستان جي ناڻي ۾ نه آيو جڏهن ته اهو سپريم ڪورٽ جي ناڻي ۾ هليو ويو. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن برطانيه مان 50 ارب رپين جي رقم ملڪي خزاني ۾ اچي وڃي ها ته پئسو انهن ??نصوبن تي لڳي ها جن جي پيڙهه جو پٿر اڄ مان رکيو آهي پر اهو پئسو پاڪستان جي خزاني ۾ ناهي آيو. هن چيو ته عمران خان بند لفافو پاڪستان جي ڪابينه ۾ کڻي ويو ۽ چيو ته ان تي ٺپو لڳايو، ان بند لفافي ۾ جيڪڏهن اهو هجي ها ته اسان ڪشمير جو سودو ڪري رهيا آهيون ته ڇا اهو ڪابينه ج?? فيصلو هو، يا الله نه ڪري پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جو سودو ڪيو آهي ته ڇا اهو ڪابينه ج?? فيصلو هو. عمران خان جيڪو ان وقت جو وزيراعظم هو چيو ته هن بند لفافي تي صحيحي ڪيو، اهو ڏوهه اهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن ??لڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها ته قوم اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها، اهو سوچي منهنجون ننڊون حرام ٿي وينديون هيون جيڪڏهن الله نه ڪري ملڪ کي ڪو نقصان پهچي ها ته مستقبل ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪري ها پر الله سائين اسان کي پنهنجي فضل و ڪرم سان ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته جڏهن ??ان پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيندو هئس ته مخالف چوندا هئا ته هي ماڻهن کي ??شوت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ اسان کي ڪاميابي ملي ته اسان هر شاگرد جي گهر ليپ ٽاپ پهچائينداسين. هن چيو ته مهانگائ?? جو دور جادو سان نه پر محنت سان ختم ڪنداسين.تقريب کي ??طاب ڪندي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته محمد نواز شريف جي ويزن کي ??ڳتي وڌائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ترقياتي من??وبن جي شروعات ڪئي، شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور عوام جي لازوال خدمت ڪئي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. معيشت بحالي لاءِ حڪومت ڪا به قصر ناهي ڇڏي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته وزيراعظم ڪالاشاهه ڪاڪو کان لاهور ڪراچي موٽر وي کي ڳنڍڻ لاءِ لاهور باءِ پاس جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. انهن ??نصوبن جي پيڙهه جي پٿر تي شيخو پوره ۽ لاهور جي رهواسين کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته 2018ع کان پوءِ ملڪ ۾ ترقياتي من??وبن کي ??وڪيو ويو، محمد نواز شريف ملڪ ۾ موٽر ويز جي شروعات ڪئي، اتحادي حڪومت وزيراعظم جي قيادت ۾ موٽر ويز جو تسلسل برقرار رکيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ دوست ملڪن جو اعتماد ٽوڙيو ويو جنهن کي ??سان بحال ڪيو، موجوده حڪومت ۾ اين ايڇ اي جا 51 من??وبا شروع ڪيا ويا، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان پنهنجي 14 مهينن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون رکنداسين.
محمد نواز شريف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو معمار آهي، گذريل دور ۾ عوامي منصوبن بجاءِ سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون ويون، عام چونڊ ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪندي اسان قبول ڪنداسين: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر