ڪراچي – 28 – آگ??ٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏين??ي چيو آهي ته خصوصي ص??احيتون رکندڙ رانديگر راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگن سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??در ۽ خاتون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خاتون اول خصوصي ص??احيتون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي ص??احيتون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن ??ي ضرورتن بابت آگ??هي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرورتون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر پاران خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ