اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??گر??ن سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي، وفاقي ۽ صوبائي س??ح تي اهڙن آفيسرن ۽ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني واپاري س??گرمين ۾ ملوث هئا، لاڳاپيل عملدار انهن جي خلاف ثبوت پڻ حاصل ڪري رهيا آهن جن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن سان انهن کي س??ا ٻڌائي ويندي، هن يقين ڏيار??و ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام دوران ڳالهائيندي ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و ته ايراني تيل جي اسمگلنگ جي معاملي ۾ ڪيترائي بيوروڪريٽس ۽ سياسي شخصيتون ملوث آهن. ماضي ۾ سياسي شخصيتن سرحدي علائقن ۾ واپار جي اجازت ڏيڻ جو معاملو اٿاريو هو. انهن علائقن جا ڊپٽي ڪمشنرز تيل کڻي ويندڙ هر گاڏي جي چرپر جي لاءِ 200000 کان 250000 رپين جا ٽوڪن جاري ڪندا هئا. اهڙيون 20000 کان وڌيڪ گاڏيون غيرقانوني واپار ۾ ملوث آهن، جنهن سان غيرقانوني آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. ڊالر جي غيرقانوني واپار جي حوالي س??ن پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هن سخت قدمن جي ذريعي ان واپار کي عملي طور تي موجوده قانون لاڳو ڪرڻ جي ذريعي روڪيو. اسان اهڙي طرح جي غيرقانوني س??گرمي جو نالو تبديل ڪري ان کي ”غيرقانوني واپار“ قرار ڏنو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان ان سلسلي ۾ هڪ سنگ ميل حاصل ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌا??و ته آمريڪي ڊالر کي مختلف ڪرنسين ۾ تبديل ڪري پوري خطي ۾ ڦهلايو ويو، جنهن سان هڪ شيطاني چڪر شروع ٿيو جيڪو گذريل ڏيڍ سال کان ڪم ڪري رهيو هو، جنهن کي هاڻي عملي ڪريڪ ڊائون، قانون ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ذريعي ٽوڙيو پيو وڃي. ??گر??ن وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪ??و ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت هن راءِ ڏني ته چونڊون جنوري جي وچ يا جنوري جي آخر تائين ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ان حوالي س??ن فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن تي آهي. هن چ??و ته ??گر??ن سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چ??و ته تڪبنديون هڪ آئ??ني عمل آهي، صدر ان سلسلي ۾ اي سي پي کي مشورو به ڏنو هو ۽ ڪميشن ان تي غور ڪندي. ??گر??ن وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چ??و ته ناڻي واڌ جو تعلق شين جي طلب، پهچ ۽ ضروري خدمتن جي دستيابي س??ن آهي. هن چ??و ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي ذريعي مصنوعي مهانگائي پيدا ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خلاف جاري آپريشنز جا ٺوس ۽ مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، هن کند جي قيمت ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏنو. معاشي بحالي جي حوالي س??ن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن موجوده آرمي چيف کي قومي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي س??راهيو. هن انهن سول ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي تي زور ڏنو جن کي خراب ٿيندڙ صورتحال درپيش آهي. ??گر??ن وزيراعظم چ??و ته ايندڙ حڪومت کي خدمتن جي تياري ۽ اضافي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مالي سڌارن جي پروگرام کانسواءِ سياسي پارٽين جو منشور ??گر??ن حڪومت جي مختصر مدي دوران ٿيندڙ ڪاميابين کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چ??و ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان واڳيل آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي آئ??ني ۽ قانوني شقن جون ڌڄيون اڏائڻ کانسواءِ قانوني رستي س??ن سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جو قانوني حق حاصل آهي. 9 مئي جي واقعن بابت هن چ??و ته ڪاوڙ ۾ اچي ڪير پنهنجي ئي گهر کي ڪيئن باهه لڳائي سگهي ٿو. اهڙين حرڪتن ۽ طرزعمل ۾ ڪو منطق نه هو ۽ اهو قابل قبول نه آهي. هن زور ڏئي چ??و ته جيڪڏهن آئ??ن پي ٽي آءِ (پاڪستان تحريڪ انصاف) جو حصو هجان ها ته آئ??ن اهڙين حرڪتن جي حقيقي مذمت ڪريان ها ۽ پارٽي کي ڀڃ ڊاهه کان ??ري ڪريان ها. پي ٽي آءِ سربراهه جي ٽرائل بابت سوال جي جواب ۾ ??گر??ن وزيراعظم چ??و ته اهڙن معاملن جو فيصلو عدالتن تي ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري بابت هن چ??و ته اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي آهي ته ڇا قانون ڪنهن کي هٿڪڙي لڳائڻ جي اجازت ڏي ٿو يا نه. پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پاڪستان واپسي بابت هڪ سوال بابت هن چ??و ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فيصلو ڪندا ته ڇا ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو يا ٻي صورت ۾ قانونن موجب عمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چ??و ته هو رڳو ان صورت ۾ مداخلت ڪندا جڏهن قانونن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي. ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان جي آجيان ڪندي ??گر??ن وزيراعظم چ??و ته هو کيس پنهنجي اباڻي صوبي بلوچستان جي هڪ روشن خيال شخصيت سمجهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هو عدالتي سڌارن جي شروعات ڪندو. ??گر??ن وزيراعظم هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چ??و ته آمريڪي فوج افغان نيشنل آرمي کي تربيت ڏني ۽ افغانستان ۾ کربين ڊالر خرچ ڪيا پر انهن جي انخلا کانپوءِ افغان نيشنل فورس تيزي س??ن گم ٿي وئي ۽ انهن کي ڏنل هٿيار به گم ٿي ويا. هاڻي اهي ئي سڄي دنيا ۾ بليڪ مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. هن چ??و ته ٽي ٽي پي، داعش ۽ بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا آهن. افغان رهواسين جو هڪ وڏو انگ جيڪو بنا دستاويزن يا جعلي دستاويزن جي پاڪستان ۾ رهي ٿو انهن کي فوري طور تي واپس موڪليو ويندو. ??گر??ن وزيراعظم ان ڳالهه تي به اتفاق ڪ??و ته سڀني جو شفاف احتساب ٿيڻ گهرجي پر ان کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪرڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
نگران سيٽ اپ چونڊ عمل ۾ معاونت، امن امان ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت مالي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ تيار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada