اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري ترڪيه سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪاري ڪن. صدر ??هڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??رڪ سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي قومن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستان انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبي سميت ترڪيه جي ترقياتي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. علائقائي ر??بط?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ريلوي ر??بط?? قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي تجويز ڏني. صدر ??وامي ر??بط?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر ??جب طيب اردوان جي پاڪستان ۾ ستين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آجيان ڪندو. هن صدر چونڊجڻ ۽ رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪباد جي پيغامن تي صدر ??يب اردوان جا ٿو??ا مڃيا. هن ترڪيه جي صدر ??ي مستقبل ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری