برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي ??مٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽ??ڪن??لاجي ??ي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ??هميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ??ريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي ??وانائي جي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽ??ڪن??لاجي ??ي شعبي ۾ پنهنجي ??جربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي وزير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائٽمي ٽ??ڪن??لاجي ??ي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي ??صي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون جي ??هميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ??ه اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي ??مايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي ??وانائي جي ??رورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي ??وري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ گوچنگ، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي ??وانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل جي ??ستعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان پاڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.
پرڏيهي وزير جو پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج