راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي ت?? موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي ?? اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لا??ِ طاقت جي ت??ازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ علا??قا??ي سالميت جي تحفظ جي لا??ِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ت?? پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لا??ِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار