اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن ??قو?? اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ فت??ه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن ??قو?? چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي. هن چيو ته فت??ه الخوارج جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته فت??ه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا