اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مرڪزي دروازي تي ملائيشيا جي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم هائوس اچڻ جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ??رانا وڄايا ويا. وزيراعظم معزز مهمان سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم پنهنجي وفد جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم هائوس جي لان ۾ ??وٽ?? هنيو ۽ دعا ڪئي. ملائيشيا جو وزيراعظم پ??ڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.
ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج