اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ا??غا??ستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ ??يو ته ا??غا??ستان جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن ??يو ته ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح ??دران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي ??ي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهو ته ان کي ا??غا??ستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ا??غا??ستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.
پاڪستان پاران افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر، بيان واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا