اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت ?? واپار جي گڏيل ور??نگ گروپس جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون ت??ظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه قزاخستان جي و??ير??عظم اولزاس بيڪ تينوف ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون ت??ظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي و??ير??عظم شنگهائي تعاون ت??ظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان سلسلي ۾ و??ير??عظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستان جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. و??ير??عظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. و??ير??عظم زراعت ?? واپار جي گڏيل رو??نگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستان جي و??ير??عظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون ت??ظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون ت??ظيم جي سربراهه جي طور تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستان جي بطور شنگهائي تعاون ت??ظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.