اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ?? ڏکڻ وزيرستان جي علائقي خمرنگ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب سيڪيورٽي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪ??دي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪامياب آپريشن ۾ 6 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 3 کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، پوري قوم پاڪ ??وج ۽ قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن کي انهن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن سان اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena