اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني ??ينچ چئني ??وبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني ??رفان غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف داخل 28 سال پُراڻي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني ??ئيني ??ينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. جسٽس محمدعلي م??هر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ٽيپ ڪرڻ بابت ملڪي قانون جي پُڇاڻي تي اٽارني ??نرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قانون موجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي فون ٽيپ ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو آ??ي. ??ٽارني ??نرل چيو ته فون ٽيپنگ جو قانون عدالتي نگراني ??حت واضح طريقيڪار سان موجود آ??ي. ??سٽس محمدعلي م??هر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قانون فون ٽيپنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ڏي. ڇا ان حوالي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ جسٽس امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ناهي نتيجن ۾ آ??ي. ??ٽارني ??نرل جج جي مقرريءَ جي حوالي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. جسٽس محمدعلي م??هر ريمارڪس ڏنا ته قانون بنا فرق جي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائي درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال ا?? لاڏاڻو ٿي چڪو آ??ي. ??دالت فون ٽيپنگ معاملي ۾ چئني ??وبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف 28 سال پُراڻي درخواست ۾ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات