رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سع??دي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان مملڪت جي پهاڙي علائقي السوده ۾ لگزري پهاڙي سياحت جو نئون چهرو متعارف ڪرائڻ لاءِ منصوبي جي ماسٽر پلان جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سع??دي خابرو اداري مطابق پروجيڪٽ تحت سع??دي عرب جي بلند ترين چوٽي تي هڪ لگزري سياحت ماڳ قائم ڪيو ويندو. اهو السوده جي علائقي ?? رجال المع جي ڪجهه حصن تائين وسيع هوندو. منصوبي جو مقصد سمنڊ جي سطح کان 3 هزار 15 ميٽر اوچي پهاڙ جي بلند ترين چوٽي تي لگزري پهاڙي ف??نٽ تيار ڪرڻ آهي. ان رٿا سان سع??دي ويزن 2030ع جو هدف پڻ حاصل ٿيندو ۽ سياحتي ۽ تفريحي شعبي کي هٿي ملندي. مجموعي قومي يپداوار ۾ 29 ارب ر??ال کان وڌيڪ جو اضافو ٿيندو. سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪرين جا هزارين نوان موقعا پيدا ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II