بگوٽا -25 آڪٽوبر (اي پي پي) لاطيني آمريڪي ملڪ ڪولمبيا غزه تي اسرائي?? جي حملن کي ٻي جنگ عظيم دوران يهودين مٿان نازين جي ظلمن برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي دفاع واري وزير فلسطينين با??ت اها ئ?? زبان استعمال ڪئي آهي جهڙي زبان جرمن نازين ٻي جنگ عظيم دوران يهودين خلاف استعمال ڪئي هئي. ڪولمبيا جي صدر جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ اسرائيل ڪولمبيا جي فوجي سازو سامان جي ايڪسپورٽ روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائي?? جي اعلان کان پوءِ ڪولمبيا جي صدر اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2