برمنگهم _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد سيد علي گيل??ني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق برمنگهم ۾ ٿيل ڪانفرنس کي تحريڪ ڪشمير برطانيه جي صدر فهيم ڪي??ني خطاب ڪندي سيد علي گيل??ني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو ته شهيد اڳواڻ غير قانوني ڀارتي قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جو هڪ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گيل??ني جي زندگي عزم ۽ چاهه جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گيل??ني سڄي زندگي پنهنجي موقف تي جبل وانگر مضبوط بيٺل رهيو ۽ ڀارتي سختيون سندس عزم کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيون. تحريڪ ڪشمير يورپ جي صدر محمد غالب ??يو ته سيد علي گيل??ني جي زندگي نوجوان نسل لاءِ هڪ رول ماڊل آهي . هن چيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جي نشاندهي سيد علي گيل??ني پهرين ئي ڪري چڪو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هن وقت سموري والاريل وادي ??ي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڪشميرين جا سمورا حق ختم ڪري ڇڏيا آهن . مشهور صحافي محمد افضل بٽ ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ??يو ته ڪشميرين جي آواز کي عالمي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي ذميواري آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي پنهنجن ڀائرن جو هڪ موثر آواز بڻجن. ڪشميري شاعر عارف خواجه، قمر عباس، فارق قادري، سمير ٻين شرڪت ڪندڙن شهيد علي گيل??ني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو ته تحريڪ آزادي ۾ سيد علي گيل??ني جي خدمت ڪشمير ج?? تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکي ويندي.
سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں