ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽورنٽو ويجهو ??ند?? مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ ??ند?? سڀا م??در ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آهي. بريمپٽن ٽورنٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته ??ند?? سڀا م??در ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ ??ند?? سڀا م??در ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آهي. لبرل ??ار??ي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي لڳايو آهي. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لا??ن پار ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بريمپٽن ۾ ??ند?? سڀا جي اڱڻ ۾ ??ند?? ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاهر ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لا??ِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو الزام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به الزام لڳايو آهي، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لا??ِ وڏي پئماني تي مهم هلائي رهيو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن