غزه-02 ج??وري (اي پي پي) غزه ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمه بستي تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ غزه جي پول??س چيف سميت 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بسال ٻُڌايو ته قابض اسرائيلي فوج رات دي?? سان غزه پٽي جي شهر خان يونس جي علائقي المواسي ۾ خيمه بستي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻُڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ پول??س چيف محمود صلاح ۽ سندس نائب حسام شاهوان به شامل آهي. هڪ ڌار بيان ۾ غزه جي گهرو وزارت 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت ڪئي آهي. وزارت وڌيڪ چيو ته پوليس فورس هڪ سول پروٽيڪشن فورس آهي جيڪا شهرين کي خدمتن فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea