اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل اصولن ۽ مقصدن تي ڪاربند رهڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان انهن اصولن ۽ مقصدن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ سدائين فعال ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ اڻٿڪ خدمتون ان جي ڪردار جون عڪاس آهن. سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کي 72 سال پورا ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ??اڪ??تان جي هڪ لک 72 هزار امن دستا جنگين سبب متاثر دنيا جي مختلف حصن ۾ امن قائم ۽ برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ??اڪ??تان گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ خدمتون سرانجام ڏيندي جانيون قربان ڪندڙ پنهنجي 154 بهادر ??وجين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر