اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مفتاح اسماعيل طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪابينه جو آهي ۽ ان ۾ ڪا غير آئيني ڳالهه نه آهي، ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ بجيٽ پيش ڪرڻ لازمي آهي، نئين حڪومت اچي بجيٽ ۽ فريم ورڪ کي تبديل ڪرڻ جو مڪمل اختيار رکي ٿي، ان بجيٽ ۾ عوام لاءِ اهڙا قدم کنيا ويا آهن جيڪي ماض??ءَ ۾ ڪنهن بجيٽ ۾ ناهن ??نيا ويا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبل??ءَ ۾ مخالف ڌُر جي اڳ??اڻ سيد خورشيد شاهه ۽ شاهه محم??د قريش??ءَ طرفان اُٿاريل اعتراض واري نڪتي جو جواب ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌُر جي اڳ??اڻ ۽ تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر کي جمهوريت ۽ آئين جو جيڪو درد آهي ان کان چڱ??ءَ ريت آگاهه آهيان.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت