ڪراچي – 20 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته شهر قائد ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي عزم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ب??تر رابطن ۽ ڀرپور ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي حالت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اهو جذبو نه رڳو آزاداڻي، مصنفاڻي ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائڻ پر ماضي جي ثمرن کي سگهه ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي وڌيڪ ب??تر بنائڻ جي لاءِ پڻ لاڀائتو رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير، وڏي وزير فضل الرحمان، ڪمانڊر فائيو ڪور ليفٽيننٽ جنرل مرزا شاهد بيگ، وفاقي گهرو سيڪريٽري ارشد مرزا، چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سلمان خان، آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ۽ ٻين س??ني??ر عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب