اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي ا??ٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گ??اه?? لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گ??اه?? انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ ما?? ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ا??جنڊا کڻي آئي، ان عوامي ا??جنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو وين??و. ??ارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي ا??ٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.
عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری