اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن، اقتصادي ت??اون وڌائڻ ۽ واپار ۾ آسانين سان خطو ترقي ڪندو، اي سي او ملڪن جي 45 ڪروڙ عوام جي خطي کي گڏجي ٺوس ڪري ڇڏيون ته اهو پاور هائوس بڻجي ويندو، افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ انتشار سان پورو خطو متاثر ٿيندو، اتحادي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا، اي سي او ملڪن کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو ??هي، انهن ٻنهي خطن ۾ انصاف نه ٿيڻ سان ماڻهن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ??هي، موسمياتي ت??ديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ته خطا ۽ پوري دنيا کي خطرو لاحق هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.
دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز