اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابرا عواڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي، اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي وو?? جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي وو??نگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1970ع کان ٿيندڙ هر چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان حوالي سان اسان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان ٽيڪنالاجي سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ وو??نگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ وو??نگ جو رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي وو??نگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان موجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي چونڊن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم آهي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي وو?? جو حق فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي وو?? جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي حوالي سان معاملا ب??ث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ چونڊن خاص طور تي 2018ع جي عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران لڳايل ??عت??اضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان وٺي هيستائين چونڊن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر جي ??عت??اضن، اي وي ايم جي حوالي سان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاعات واري وزات ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي وو?? جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي: چوڌري فواد حسين/ ڊاڪٽر بابر اعواڻ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil